اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري ٽوئيٽر تي پنجاب جي نامزد نگران وڏي وزير محسن نقوي جي جهاز ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل(ر) قمر جاويد باجوا سان ورتل تصوير شيئر ڪئي آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير تصوير شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي جانبداري جي سلسلي ۾ مايوس نه ڪيو، جنهن محسن نقوي تي پنجاب جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪري ڇڏيو.
هن تصوير ۾ ڏسو ته ايمارٽس فلائيٽ ۾ هو جنرل(ر) باجوا سان گڏ ويٺل آهي، هن جي ساک جو ان مان ئي اندازو لڳائي ڇڏيو.