زرداري ۽ لنڊن ۾ نوازشريف جو فرنٽ مين وڏو وزير ٿيڻ مذاق آهي: عثمان ڊار

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ زرداري ۽ لنڊن ۾ نوازشريف جي فرنٽ مين کي نگران وڏو وزير بڻائڻ پنجاب جي عوام ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي سان مذاق آهي، ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جنهن چئنل جي مالڪ کي نگران وڏو وزير بڻايو ويو هو انهيءَ چئنل تي ڏينهن رات عمران خان جي ڪردارڪشي ۾ مصروف آهي سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي، حماد اظهر لکيو ته محسن نقوي کان بهتر هو ته فهد حسين کي ئي لڳائي ڇڏيو ها، هو ويچارو رڳو جانبدار آهي، پر اڃا ڪرپٽ ناهي ٿيو، هن چيو ته انتهائي غيرجانبدار نالن جي موجودگي ۾ شهبازشريف ۽ زرداري جي فرنٽ مين کي قائم مقام وزيراعليٰ لڳائڻ پوري نظام کي اگهاڙو ڪري ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.