24ڪلاڪن ۾ 84 اسٽريٽ ڪرائم وارداتون، رپورٽ وڏي وزير حوالي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ کي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏوھن جي روڪ ٿام بابت پوليس اپائن تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو سندس رپورٽ پيش ڪئي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 84 اسٽريٽ ڪرائم جون وارداتون رپورٽ ٿيون، جن ۾ 5 ڦر، 3 ڪار چوري، 6 موٽرسائيل چوري ٿيڻ جون وارداتون رپورٽ ٿيون، ڪورنگيءَ ۾ مزاحمت دوران اسٽريٽ ڪرمنلز ھڪ شخص رميز ولد شبير کي زخمي ڪري ڇڏيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ سڄي شھر 3 پوليس مقابلن ۾ 8 اسٽريٽ ڪرمنلز کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، 6 ٻين ڏوھارين کي موقعي تي گرفتار ڪري ڇڏيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 77 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن ۾ 23 اسٽريٽ ڪرمنلز / ڌاڙيل، 10 غيرقانوني ھٿيار رکندڙ، 19 منشيات فروشن ۽ سپلائير جڏھن تھ 25 ٻين ڏوھن ۾ ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس مختلف ڪارروائين دوران 42 غيرقانوني ھٿيار، 4 ڪلوگرام چرس، 9 ڦر ڪيل موبائل، 14 چوري ڪيل گاڏيون جن ۾ ھڪ ڪار ۽ 13 موٽرسائيڪلون برآمد ڪيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.