عمران نيازي سياست جي نالي تي تخريبڪاري پيو ڪري: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) صوبائي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاھھ چيو آھي تھ عمران نيازي ھڪ سياسي انتشار آھي جيڪو ھر ڏينھن ملڪي ادارن ۽ سياسي قيادت کي متضاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، ھن اھا ڳالھھ ڪيل ھڪ بيان ۾ ڪئي، ھن وڌيڪ چيو تھ عمران نيازي سياست جي نالي تي تخريبڪاري ڪري رھيو آھي، ھُو ملڪ جي اثاثن، سلامتي ۽ معيشت لاءِ ھاڃيڪاري  آھي، سيد ناصر حسين شاھھ چيو تھ پاڪستان ڏکئي وقت مان گذري رھيو آھي ان لاءِ سڀني تي لازم آھي تھ سياست کان مٿاھون ٿي ملڪي مفاد ۾ ڪم ڪيو وڃي، ھن چيو تھ جماعت اسلامي کي پڻ شھر جي ترقي، خدمت واري جذبي سان حقيقت پسنديءَ وارا فيصلا ڪرڻ گھرجن، جنھن تنظيم اڪثريت حاصل ڪئي آھي ميئر شپ تي ان جو حق تسليم ڪرڻ گھرجي، سيد ناصر حسين شاھھ وڌيڪ چيو تھ پاڪستان پيپلز پارٽي قيادت جلد پنھنجي ميئر جو اميدوار نامزد ڪندي جنھن شخصيت جو پنھنجو اثر ھوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.