ايم ڪيو ايم پاران تڪبندين خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان، اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ حڪومت جي تڪ بندين وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري حڪم کي رد ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ايوانن، عدالتن، سياسي ميدان ۾ پنهنجو آواز بلند ڪري چڪا آهيون، هاڻ واحد رستو آهي ته جنهن عوام لاءِ وڙهي رهيا آهيون ان سميت روڊن تي نڪري جدوجهد کي آخري مرحلي ۾ داخل ڪيون. هن چيو ته بلدياتي اليڪشن واري ڌانڌلي ثابت شده آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ميئر ڪير ٿيندو، هاڻ ان جو فيصلو عوامي مينڊيٽ نه پر سياسي جوڙتوڙ ڪري رهي آهي، اسان اهڙي صورتحال کي قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جدوجهد کي آخري مرحلي ۾ عوام تائين کڻي وڃڻ لاءِ اسان پروگرام ترتيب ڏنو آهي، جنهن کي ايندڙ وقت ۾ پيش به ڪنداسين. هن چيو ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي پنهنجي خاطر چونڊون وڙهيون ۽ اسان عوام خاطر اليڪشن کان بائيڪاٽ ڪيو آهي. مصطفى ڪمال چيو ته اليڪشن جا 3 مرحلا هوندا آهن،پهرين ماڻهن جي ڳڻپ ۽ پوءِ تڪ بنديون ڪيون وينديون آهن، ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ آهي، جنهن جي ڳڻپ ڏيڍ ڪروڙ ڪئي وئي آهي، ان ڳڻپ ۾ ڄاڻايو ويو ته لاهور جي آبادي 3 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي ۽ ڪراچي جتي پوري دنيا جا ماڻهو ايندا آهن ان جي آبادي صرف هڪ ڏهائي 4 سيڪڙو جي تناسب سان وڌي رهي آهي. هن چيو ته آبادي گهٽ ڏيکارڻ پري پول رگنگ آهي ۽ ان جي بنياد سان تڪ بنديون ڪيون ويون آهن، جيڪا ٻي پري پول رگنگ آهي، اهڙي ريت ٽنهي مرحلن دوران ريگنگ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هاڻ وڌيڪ ڪي به ڪارستانيون نه هلنديون، سنڌ حڪومت اسان جي ڳالهه تسليم ڪندي اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو، پر اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي تڪ بندين وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ واري حڪم کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف اسان سپريم ڪورٽ وينداسين. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر چيو ته ڪجهه پارٽين پاران تاثر ڏنو پيو وڃي ته اسان بائيڪاٽ ڪري غلط فيصلو ڪيو آهي، پر حيدرآباد ۽ ڪراچي جي عوام بلدياتي اليڪشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي پاڻ تسليم ڪيو ته غلط تڪ بنديون ٿيون آهن، پر هو اسان جي موقف سان گڏ نه هليا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين تحت شفاف چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، سپريم ڪورٽ بلدياتي چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي. ان موقعي تي انيس قائمخاني، فاروق ستار، عبدالوسيم سميت رابطا ڪميٽي جا ميمبر پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.