ناليواري ڪاروباري شخصيت بيرام ڊنشا آواري لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(م ڊ) ناليواري ڪاروباري شخصيت بيرام ڊنشا آواري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، وارثن مطابق بيرام آواري ڪجهه عرصي کان بيمار هو، ڪجهه ڏينهن اڳ نجي اسپتال ۾ هن جي آنڊي جو آپريشن ٿيو هو، جنهن کانپوءِ هن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ کيس ڊاڪٽرن وينٽيليٽر تي منتقل ڪري ڇڏيو هو، بيرام آواري جي عمر 81 سال هئي ۽ هو ٻه ڀيرا ايشين گيمز گولڊ ميڊلسٽ به هو، پارسي عالم يازنيش پارزن مطابق بيرام آواري جون آخري رسمون بيچ لگزري هوٽل سان گڏ سندس رهائش گاهه ۾ ادا ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ سندس مڙهه محمود آباد ۾ واقع ٽاور آف سائلنس (مينار خاموشي) تدفين لاءِ نيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.