رائو انوار هرڪنهن جو لاڏلو آهي: جبران ناصر

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نقيب الله محسود جي وارثن جي وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ جبران ناصر الزام هنيو آهي ته رياست جي پوري تياري آهي ته رائو انوار ۽ ٽيم کي بري ڪرايو وڃي، ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪراچي گرينڊ جرگي جي عهديدارن سان گڏ احتجاج کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته نقيب الله محسود کي بي گناهه قتل ڪندي 5 سال گذري ويا، 23 جنوري(اڄ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جو فيصلو متوقع آهي، هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد 7 پوليس آفيسر اڃا به مفرور آهن، رياست جي پوري تياري آهي ته رائو انوازر ۽ ٽيم کي بري ڪرايو وڃي، انهن ماڻهن خلاف سمورا رڪارڊ به ختم ڪيا ويا، رائو انوار کي ايتريون سهولتون ڇو فراهم ڪيون ويون؟ هن جي پنهنجي ئي گهر کي سب جيل بڻايو ويو، هن چيو ته رائو انوار هرڪنهن جو لاڏلو آهي، ان موقعي تي نقيب الله محسود جي ڀاءُ عالم شيرمحسود چيو ته 5 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر اسان کي انصاف ناهي مليو، اسان سان وڏا وڏا واعدا ڪيا ويا، هن چيو ته والد مرڻ کان اڳ وصيت ڪئي هئي ته آخري دم تائين اسان انصاف گهرندا رهون، اسان هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ٻيهر وينداسين، عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ اسان کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.