جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي: حافظ نعيم

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم حڪومت جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومتي دعوائن ۽ وعدن جي ابتڙ مهانگائي جي طوفان عام ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، مني بجيٽ عوام تي بجلي ڪيرائڻ مترادف آهي، آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عمل سان ملڪ گروي ۽ عام ماڻهن جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي ويندو، ڪراچي مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي جي نمائندن جي چونڊ سٺو سنوڻ آهي. ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ جو واحد رستو اسلامي نظام ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي، ان شاءَ الله جماعت اسلامي جي ديانتدار قيادت ڪراچي جي روشنين کي بحال ۽ امن سڪون طرف گامزن ڪندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي اعلى سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. صوبائي نائب امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ، ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله عزيز، جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، مجاھد چنا، ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان ۽ ٻيا صوبائي اڳواڻ پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال، مڪاني چونڊ ۽ ٻين دعوتي توڙي تنظيمي مامرن جو جائزو ورتو ويو. ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ ناظم انتخاب راجه عارف سلطان ڪراچي بلدياتي چونڊن، “ حق دو ڪراچي تحريڪ” جو جائزه رپورٽ پيش ڪيو. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي چيو ته ديانت ۽ امانت سان خدمت جماعت اسلامي جي سڃاڻپ، ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سڀني کان گڏ کڻي هلڻ جو عزم ڪريون ٿا، جماعت اسلامي جي مينڊيٽ کي تسليم ڪيو وڃي، پنهنجي حق تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ ڪونه ڏينداسين. ڪراچي کي اختيار ۽ عوام جي حقن لاءِ هر فورم تي جدوجهد ڪنداسين. صوبائي امير محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر مني بجيٽ آڻي ملڪ کي وڌيڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، آءِ ايم ايف قرض جي قسط حاصل ڪرڻ ۽ بجٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ نوان ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائڻ کان سواءِ فلڊ ٽيڪس ۽ ڊالر کي 250 روپين تائين پهچائي گئس، بجلي سيمنٽ، اسٽيل، ٽيڪسٽائل، فرٽلائيزر جون قيمتون وڌايون وينديون  جنهن سان عام ماڻهن جي آمدن ۾ گهٽتائي ۽ عام ماڻهو جيئري دفن ٿي ويندو. عوام اڳ ۾ ئي شديد مهانگائي کان سخت پريشان آهي مٿان وري روزاني استعمال وارين شين تي به ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس لڳائڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو.  ان موعقي تي صوبائي امير ۽ ٻين اڳواڻن حافظ نعيم الرحمان کي ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ماڻڻ تي مبارڪباد ۽ مٺائي پڻ کارائي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.