محسن نقوي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر، پي ٽي آءِ پاران عدالت وڃڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان  محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو  آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيوويو. اليڪشن ڪميشن محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي حلف برداري لاءِ گورنر پنجاب ڏانهن خط لکيو ويو آهي. ياد رهي ته صوبائي حڪومت طرفان احمد نواز سکيرا، نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا ويا  جڏهن اپوزيشن محسن رضا نقوي ۽ احمد چيما کي نامزد ڪيو هو. هوڏانهن پي ٽي آءِ محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻائڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته هي عهدو اڻ ڌريي شخص لاءِ آهي، ڪيئن هڪ جانبدار شخص آهي. ن ليگ جي پنهنجا امپائر مقرر ڪرڻ جي هڪ تاريخ آهي. هن چيو ته پارٽي اڳواڻ محسن رضا نقوي جي مقرري چئلينج ڪن. عمران خان چيو ته محسن نقوي اسان خلاف پرڏيهي سازش ۾ شريڪ هو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.