ملڪ کي تباهي ڪنڌي تي پهچائيندڙ قانون جي ڪٽهڙي ۾ ايندا ؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت ۾ پارٽي جي اهم اجلاسن ۾ جيڪي فيصلا ٿيا آهن ، انهن مان هڪ فيصلو  ٿيو آهي ته عمران پراجيڪٽ جي سرجڻهارن کي ڪنهن به طرح معاف نه ڪرڻو آهي، ان جو واضح ثبوت ميان  جاويد لطيف جي لنڊن کان واپسي تي  ڪيل پريس ڪانفرنس آهي، جيڪا دراصل نوازشريف جو  ادارن کي پيغام به آهي.

نامياري صحافي موجب  ايئن محسوس ٿئي پيو  ته ( ن) ليگ جو چونڊن ۾ به اهو ئي جارحاڻو موقف ۽ نعرو هوندو، ڇوته نوازشريف ملڪ جي موجودهه تباه حال معيشت ۽ سياست جو ذميوار جنرل ( ر( باجوه، ( ر) چيف جسٽس ثاقب نثار، جنرل ( ر) فيض حميد، ( ر) جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ عمران خان کي سمجهي  ٿو، جڏهن ته عمران پراجيڪٽ جو کرو ( ر) جنرل اشفاق پرويز ڪياني، جنرل ( ر) شجاع پاشا۽ جنرل ( ر)  ظهير الاسلام تائين وڃي ٿو.

سوال اهو آهي ته  جن کي نواز شريف ذميوار سمجهي ٿو  انهن خلاف صرف  اليڪشني بيانو هوندو يا انهن ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ به آندو ويندو ، ڇوته ملڪي تباهي جي ذميوارن خلاف عوام ۾ وڃي گهل گهل ڪرڻ  سان ته مسئلو حل نه ٿيندو ، نتيجي طور غير آئيني  عمل جاري رهندا، ۽ سياستدانن جا صرف بيان تبديل ٿيندا رهندا، جزا ۽ سزا به صرف سياستدانن لاءِ هوندي.

بقول نوازشريف جي ته ملڪ ۽ رياست لاءِ  هن گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ، هاڻي گنجائش نه آهي، وري سوال آهي ته جن پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو آهي ، انهن جو ڇا ٿيندو ؟رهيو سوال ته قربانيون رڳو  نواز شريف نه پر پ پ به  ڏنيون آهن ، بينظير ڀٽو شهادت اڃان نه وسري آهي.

نوٽ: عمران شفقت جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز 23-01-23 تي شايع ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.