آئيني ۽ انتظامي طور تي چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿيڻيون آهن: احسن اقبال

نارووال (م ڊ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ ۾ نئين آدشماري ٿي رهي آهي ۽ ٽيهه اپريل تائين ان جا نتيجا اچي ويندا، ايندڙ چونڊن نئين آدمشماري تحت ٿينديون. نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته عمران خان گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پاڻ فيصلو ڪري ويو، ايندڙ چونڊون نئين آدمشاري تحت ٿينديون، آئيني ۽ انتظامي طور تي چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿيڻون آهن پر اِهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت پاڪستان جي معيشت ۽ سي پيڪ کي بدترين سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ، موجودا حڪومت معيشت جي بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته سال 2018ع ۾ نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس جو نوي سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو، باقي ڪم لاءِ ستر ڪروڙ گهربل هئا پر چئن سالن تائين فنڊز روڪيا ويا، هاڻي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻه ارب چاليهه ڪروڙ رُپيا گهربل آهن،منصوبي جي  اضافي لاڳت عمران نيازي کان وٺنداسين. 03

مهانگائي جي ذميوار عمران خان جي اڳوڻي حڪومت آهي: خواجا آصف

سيالڪوٽ(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي هميشه کان اها ترجيح رهي آهي ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ ٺوس قدم کيان وڃن، اسان کي معلوم آهي ته عوام مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن پر ان مهانگائي جي ذميوار عمران خان جي اڳوڻي حڪومت آهي جنهن ملڪي معيشت کي تباه ڪري ڇڏيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي يونين ڪائونسل احمد پوره جي دوري جي دوران علائقي واسين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قوم جي ڌي مريم نواز شريف پنهنجي علاج بعد وطن واپس اچي رهي آهي عوام هن جو پرجوش استقبال ڪندي. هن چيو ته مريم نواز جي آمد سان اسان جي جماعت مستحڪم ٿيندي ۽ اسان پنجاب ۾ چونڊن لاءِ پنهنجي مهم شروع ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.