نواز شريف سان زيادتي ڪندڙن کي معافي وٺڻي پوندي : جاويد لطيف

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته قوم جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ محمد نواز شريف کي واپس آڻڻو پوندو، محمد نواز شريف جي ملڪ لاءِ قربانين کي ضايع ڪيو ويو، محمد نواز شريف سدائين پنهنجون تڪليفون وساري اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا چئي رهي آهي ته اتحادي حڪومت نه وٺن ها ته عمران خان کي ڪو اميدوار نه ملي ها، عمران خان کي ٻيهر مقبول بڻائڻ لاءِ ملڪ کي ان حال تائين پهچايو ويو. هن چيو ته ملڪ سان محبت ڪندڙ قيادت پنهنجي سياست کي عبادت سمجهي ڪيو. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن آندو ويو هو ته ڇا انهن کي خبر نه هئي ته هي پلي بواءِ آهي، اڄ پنڪي پيرني فرح گوگي جي ڪرپشن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن محمد نواز شريف جي ملڪ لاءِ قرباني  ڏيڻ سان پاڪستان جون معاشي ۽ سياسي حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون ته مسلم ليگ (ن) اها قرباني بار بار ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ضمني چونڊ ۾ به سهولتڪاري عام هئي جيڪا اڄ به جاري آهي، آئون ڳالهايان ته مون تي غداري جا ڪيس ٿين ٿا، هو روزانو ساڍا ٽي ڪلاڪ ڪوڙ ڳالهائي، ان جي رڪيل ڪيسن جو فيصلو ڇو نه ٿي رهيو آهي، توشاخانه ۽ سندس ڌيءَ جو ڪيس ڇو رڪيل آهي، هن پنهنجي ڌيءَ جي ڪيس جو اڄ تائين جواب ناهي ڏنو، هن چيو ته هاڻي اعترافي بيان سان قوم جي ڏکن جي دوا نٿي ٿي سگهي، جن پنجن ڪردارن 2017ع ۾ رول ادا ڪيو انهن جي کيسن مان پئسو ڪڍي واپس قومي خزاني ۾ رکيو وڃي ته ڪنهن اداري کان قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوي، اسان ته سدائين حساب ڏيندا آيا آهيون هاڻي وري وٺن، پر جن پنجن ڪردارن رياست کي جيترو نقصان پهچايو آهي انهن جي کيسن مان پئسو ڪڍي وٺو ته پاڪستان معاشي بحران مان نڪري سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته محمد نواز شريف کي بار بار احتساب ۽ ٽرائيل مان گذاريو  ويو. هن چيو ته محمد نواز شريف ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو ۽ سي پيڪ کڻي آيو، قوم جو اعتماد بحال ڪري کيس واپس آڻڻو پوندو، هن چيو ته اسان نئون بيانيو نه آڻي رهيا آهيون، اسان ٻڌائينداسين ته قومي مفاد ۾ خاموشي ڇو اختيار ڪريون ٿا، قومي مفاد ۾ هاڻي خاموش نه رهبو هاڻي جيڪو سچ آهي اهو عوام جي سامهون رکيو ويندو. هن چيو ته عمران خان ايترو گند ڪيو آهي جو اسان سموريون حقيقتون سامهون رکي اليڪشن ۾ وڃي رهيا آهيون، جنهن ڏينهن اليڪشن جو شيڊيول جاري ٿيندو، محمد نواز شريف واپسي جي تاريخ ڏيندو. مريم نواز واپس اچي رهي آهي، اسان جتي خاموشي اختيار ڪئي هئي هاڻي اتان ئي قوم کي سڀ ٻڌائڻ شروع ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.