موجوده سياسي نظام ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ئي ناهي: شاهد خاقان

ڪوئيٽا (م ڊ) مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گارگند ۽ الزام بازي واري  سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود  آهي. ڪوئيٽا ۾ لشڪر رئيساڻي، مصطفيٰ نواز کوکر، مفتاح اسماعيل ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسيءَ چيو ته ڪالهه ڪوئيٽا ۾ قومي ڊائيلاگ تي سيمينار ٿيو جنهن ۾ اسان سڀني غير جماعتي بنيادن تي ملڪي مسئلن بابت ويچار ونڊيا. هن چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال جا ذميوار اسان سڀ آهيون، اسان آئين جي ڳالهه ته ڪريون ٿا پر آئين تي مڪمل عمل نه ٿا ڪريون.سندس چوڻ هو ته  اڄ جي سياست انتقام ۽ دشمني جي سياست بڻجي وئي آهي، اڄ جي سياست هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ ۽ الزام مڙهڻ جو نالو آهي، اِها سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته انهن سمورن مسئلن تي بحث ڪرڻ لاءِ هڪ فورم جوڙيو آهي جنهن جي شروعات ڪوئيٽا کان ٿي آهي، حقيقت اِها ناهي جيڪا ٽي وي تي ڏيکاري وڃي ٿي يا اخبارن ۾ ٻڌائي ويندي آهي. عدليا به اهڙن فيصلن کي ڏسي جيڪي مُلڪ تي اثرنداز ٿيا.هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ جون ڏاڍيون تلخ حقيقتون آهن، پاڪستان وٽ مسئلن جو ڪو معجزاڻو حل نه آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.