چنڊ نظر نه آيو، پهرئين رجب المرجب سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد (م ڊ) رجب المرجب 1444هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد جي صدارت ۾ زونل چنڊڏسڻي ڪميٽي اسلام آباد ۾  مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪمپليڪس پاڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ رابطي جا فرض مذهبي معاملن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل سيد مشاهد حسين خالد سرانجام ڏنا جڏهن ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کان زين العابدين، اسپارڪو کاتي کان غلام مرتضيٰ، موسميات کاتي جو چيف ڊاڪٽر سردار سرفراز ٽيليفون ذريعي رابطي ۾ هو، اجلاس ۾ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي اسلام آباد جا جيڪي ميمبر ۽ عالم سڳورا شريڪ ٿيا جنهن ۾ مفتي ضمير احمد ساجد، مفتي محمد اقبال نعيمي، سيد مصطفيٰ حيدر نقوي، مفتي عبدالسلام جلالي، مولانا ابوبڪر صديق حنيف، موسميات کاتي کان راشد بلال ۽ ٻين عالم سڳورن ۾ قاري عبدالباط، مولانا عابد اسرار، پير سيد عمر فاروق شاهه، مفتي محمد اسلم ضيائي، مجيب قاضي، ظفر اقبال گوندل، عبدالله تاج شامل هئا، ان کانسواءِ سڄي پاڪستان ۾ زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس انهن جي لاڳاپيل هيڊڪوارٽرز لاهور، ڪوئيٽا، پشاور ۽ ڪراچي ۾ منعقد ٿيا.مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد محمد عبدالخبير آزاد اعلان ڪندي چيو ته اڄ پاڪستان جي ڏاکڻي حصي ۾ موسم صاف رهي ۽ اترئين حصي ۾ ڪڪر رهيا، پاڪستان جي ڪنهن به هنڌان رجب المرجب جو چنڊ ڏسڻ اچڻ جي ڪا به شهادت ناهي ملي، تنهن ڪري اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهرين رجب المرجب 1444هه 24 جنوري 2023ع تي اڱاري تي ٿيندي.

نريندر مودي گجرات ۾ قتل عام جو سڌي ريت ذميوار آهي: جيڪ اسٽرا

لنڊن(م ڊ) برطانيه جي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو آهي ته ڀارت ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر  لنڊن ۾ پرڏيهي وزارت کي هڪ رپورٽ موڪلي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته نريندر مودي گجرات ۾ 2002ع ۾ ٿيل قتل عام جو سڌي ريت ذميوار آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق جيڪ اسٽرا هڪ ميڊيا انٽرويو ۾ چيو ته اهي انهن ماڻهن جا مشاهدا آهن جيڪي اتي موجود هئا  هن چيو ته ان وقت 2022ع ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جي رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته نريندر مودي 27 فيبروري تي سينئر پوليس آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي حڪم ڏنو ته اهي وڳوڙن ۾ مداخلت نه ڪن. جيڪ اسٽرا ان ڳالهه جي تصديق پڻ ڪئي آهي ته ان کي مليل رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته گجرات ۾ ٿيل قتل عام ۾ نسل ڪشي جون سموريون نشانيون موجود آهن. هن چيو ته واقعي ان باري ۾ فڪرمند هو. هاءِ ڪميشن کي مليل رپورٽ کان پوءِ هن واجپائي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير ڳالهه ٻولهه ڪئي. جڏهن ته 21 سال گذرڻ کان پوءِ مون کي اهو ياد ناهي ته ان جو جواب ڇا هو؟ هن چيو ته هو ڀارت ۾ فرقيواراڻن وڳوڙن جي تاريخ کان واقف آهي. ان لاءِ گجرات ۾ 2022ع جي وڳوڙن کان مايوس ته ٿيو هو پر حيران نه ٿيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.