نواز شريف ۽ عمران جي تنقيد جو نشانو ساڳيو ڇو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  ملڪ جي سياسي تاريخ اهڙي چوراهي تي پهچي چڪي آهي  جو حڪومت توڙي مخالف ڌر جو نشانو يا نعرو هڪڙو ئي آهي، جڏهن نواز شريف کي اقتدار مان هٽائي عمران خان کي ملڪ تي مڙهيو ويو ته نواز شريف جو نشانو اسٽيبلشمينٽ هئي ۽ گجرانوالا جلسي ۾نواز شريف نالا کڻي اسٽيبلشمينٽ جي ڪردارن تي حملوڪيو، جڏهن بي اعتمادي رٿ ذريعي عمران خان کي اقتدار مان هٽايو ويو ته عمران خان جي نشاني تي به اسٽيبلشمينٽ خاص طور جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا اچي ويو آهي.

ان ئي دوران حڪومت ۾شامل مکيه پارٽي ن ليگ به چونڊون وڙهڻ لاءِ جنرل رٽائرڊ باجوا سميت عمران پراجيڪٽ جي خالقن خلاف بيانيو کڻي ميدان ۾لهي رهي آهي.

تجزيي نگارن جو خيال آهي ته ان صورتحال جي ذميواري سڌي سنئين اسٽيبلشمينٽ تي آهي، ڇو ته هڪڙن کي اقتدار ۾آڻڻ ۽ ٻين کي زوري اقتدار مان هٽائڻ واري لاڳيتي عمل هڪ طرف ملڪ کي تباهي ڪناري پهچايو آهي.

ٻئي طرف حڪومت توڙي مخالف ڌر وٽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪا به نرمي ناهي، مستقبل ۾ڇا ٿيڻو آهي ان بابت به اڳڪٿي ڪرڻ ڏاڍو مشڪل معاملو بڻجي ويو آهي، اسٽيبلشمينٽ ڪيتري حد ۽ ڪيتري وقت تائين غير جانبدار رهندي ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.

ان ڪري به ته اڃا تائين عمران خان چئي رهيو آهي ته سندس ايم پي ايز کي مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وائي فون ڪري رهيا آهن، ساڳي طرف پنجاب اسيمبلي ۾پرويز الاهي جي اعتماد واري ووٽ وٺڻ وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي ان پي ڊي ايم کي به اسٽيبلشمينٽ جي غير جانبدار ڪردار کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز سومر 23-01-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.