ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي شاھراهه فيصل ٿاڻي جي حد گلستان جوھر بلاڪ 11 راشد منھاس روڊ تي واقع جوھر موڙ ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار ٻن نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ رينجرز اھلڪار خالد حسين پٽ شھباز ڏنو گھمرو قتل ٿي ويو آهي. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز پھچي وئي مقتول رينجرز اھلڪار جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول رينجرز ھيڊ ڪوارٽر ۾ بورچي مقرر ھو ۽ مقتول خالدحسين گھمرو جي اباڻو تعلق خيرپور سان ٻڌايو پيو وڄين . ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول جي خانداني دشمني تي نشانو بڻايو ويو آهي. اھلڪار جي ڀاء کي ڪجھ سال اڳ سندس اباڻي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو ھو. 03