ڪراچي: ۾ پوليس مقابلا،8 ڦورو گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي پوليس گلشن اقبال جي حڪيم سعيد روڊ تان مبينه مقابلي کان پوءِ 5 ڦورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. تفصيل مطابق گذريل ڏينهن ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي پوليس گلشن اقبال جي حڪيم سعيد روڊ تان مبينه مقابلي کان پوءِ 5 ڦورن عابد پٽ صديق ، اسلم پٽ محمد علي ، زبير پٽ بابو ، احسان پٽ علي رضا ۽ انور پٽ ذوالفقار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته سندن هڪڙو ساٿي پوليس کان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 5 عدد لوڊ پستول ، 20 عدد ڦر ڪيل موبائيل فون ۽ 3 موٽر سائيڪلون هٿ آيون آهن جڏهن ته زخمين کي علاج لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ساٿي جي ڳولا ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن بوٽ بيسن ٿاڻي جي پوليس بيچ ويو پارڪ وٽان مقابلي کان پوءِ ٻن ڦورن وقاص پٽ بخت نواب ۽ بلال خان پٽ وحيد گل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. جوابدارن جي قبضي مان ٻه لوڊ پستول ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ آئي آهي. ٻئي طرف اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي پوليس به سومار ڳوٺ لنڪ روڊ تان مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو اشرف پٽ صديق کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي جنهن جي قبضي مان لوڊ پستول هٿ آيو آهي جڏهن ته سندس هڪڙو ساٿي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ٽنهي زخمين کي علاج لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.