سنڌ حڪومت اٽو مهانگو ڪري 70 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي: راشد محمود سومرو

سکر( آزاد مهر)جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو سکر ۾ جي ٽي آءِ سنڌ جي عزم طلبا ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي پاڪستان کي 30 سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، سنڌ ۾ امن امان،تعليم صحت تباهه آهي، سنڌ حڪومت اٽو مهانگو ڪري 70 ارب رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، اڳ به وزير اعظم کي شڪايت ڪئي هئي، اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم قتل جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، لاڙڪاڻو به بدامني کان محفوظ ناهي،سنڌ ۾ 60 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ۽ تعليم کان محروم آهن،عمران خان ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي، 30 سال ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، هن چيو ته  ته سنڌ ۾ اٽي مهانگي هئڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آهي، خوراڪ کاتي جا ڊپٽي ڊائريڪٽر،ڊي ايف سي ۽ وزير اٽي ڪرپشن ۾ ملوث آهن، سنڌ کي متبادل قوت قيادت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مون سکر جي دوري وقت به وزير اعظم کي شڪايت ڪئي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تباهه آهي، روزانو اغوا، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي لاڙڪاڻي سکر ۾ ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، وزير اعظم کي چيو ته سنڌ پوليس کي مضبوط بڻايو وڃي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج جو گڏيل ڪچي ۾ آپريشن ڪيو وڃي ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي،عمران خان ٻڌائي ته پنجاب اسيمبلي ۽ ڪي پي اسيمبلي کي ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن سازش ڪئي عمران نيازي پنهنجي ناڪامي کي نٿو لڪائي سگهي، هن چيو ته  اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، واش روم موجود ناهن، ڪرپشن سبب اسپتالن اسڪولن جي حالت خراب آهي، پٽيوالي کان وٺي مٿين سطح تي ڪرپشن جاري آهي، ملڪ ۾ تعليمي هڪ نصاب رکڻو پوندو، جي يو آءِ اقتدار ۾ اچي ملڪ جي تقدير بدلائيندي، جيستائين اقتدار ۾ نٿا اچون تبديلي ممڪن ناهي،وقت جي سرمائيدارن خلاف متحد ٿيڻو پوندو، سنڌ کي هڪ ڏينهن باب الاسلام بڻايو ويندو، تقريب کي مفي ڪفايت الله، مولانا عبدالقيوم هاليجوي، مفتي سعود افضل هاليجوي، مولانا محمد صالح انڍڙ، قاري نعيم الله، حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻين خطاب ڪيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.