ناليوارو اديب، محقق گل حسن ڪلمتي ڊائو اسپتال داخل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ناليواري تاريخ دان، محقق، اديب گل حسن ڪلمتي گذريل ڏينهن ڊائو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽن موجب گُل حسن ڪلمتي هو جگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته سندس عيادت لاءِ به گهڻ گهرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

ثنا بڪڪ ٽوئيٽر تي لکيو ته گل حسن ڪلمتي سنڌ جو اثاثو آهي، سنڌي ادب ۾ هن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، الله تعاليٰ کيس مڪمل صحتيابي عطا ڪري.

 

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    "ناليوارو اديب، محقق گل حسن ڪلمتي ڊائو اسپتال داخل”، الله تبارڪ و تعاليٰ جي وسيع در دعاگو آھيان ته رب پاڪ شال پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان منهنجي پياري ڀاءُ جي هم نام کي صحتيابي عطا فرمائي. بلاشڪ گل حسن ڪلمتي صاحب اسان جي سنڌ جو اثاثو آهي، سنڌي ادب ۾ هن جو ڪردار ناقابل فراموش آهي، بار بار الله تعاليٰ وٽ دعاگو آھيون، ته رب پاڪ کيس مڪمل صحتيابي عطا ڪري. آمين ثم آمين يا رب العالمين.ا

Leave A Reply

Your email address will not be published.