جعلي صادق ۽ امين 30 لک ڊالرن جي رقم هائوسنگ سوسائٽي ۾ لڳائي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ثاقب نثار جي صادق ۽ امين هاڻي شوڪت خانم جا خيراتي فنڊ جا 3 ملين ڊالر هائوسنگ سوسائٽي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪيو آهي،جعلي صادق ۽ امين 30 لک ڊالرن جي رقم هائوسنگ منصوبي ۾ لڳائڻ جو اعتراف ڪيو آهي. آچر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي عوام عمران خان کي شوڪت خانم لاءِ زڪوات جا پئسا ڏنا هئا، پرائيويٽ هائوسنگ سوسائيٽي لاءِ نه، هن چيو ته ٻين تي چوري جو الزام ۽ پاڻ خيرات جي پئسن جي چوري جي ڏوهه جو  اعتراف ڪري ٿو، لکين ڊالرن جو خيراتي پئسو لڳائيندي شوڪت خانم جي بورڊ کان منظوري به ورتي وئي، هن چيو ته ڪوڙو دوکيباز توشاخانه ۽ زڪوات چور چوي ٿو ته توشاخانه مان چوري ڪئي ته ڇا ٿيو؟ رياست جا 190 ملين پائونڊ کائي ويس ته ڇا ٿيو؟ پنج قيراط جو هيرو ئي ته کنئيو آهي؟ فارين فنڊنگ ڪري ملڪ خلاف دشمني ڪئي ته ڇا ٿيو؟ زڪوات جا پئسا ئي ته چوري ڪيا آهن ته ڇا ٿيو؟ ٽرسٽ جو پئسو ئي ته کاڌو آهي ته ڇا ٿيو؟ القادر ٽرسٽ جي نالي تي 458 ڪينال زمين رشوت  ۾ ورتي ته ڇا ٿيو؟ بشريٰ بي بي سان گڏجي پنجاب جي هر نوڪري، هر عهدو وڪرو ڪيو ته ڇا ٿيو؟ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان جن کي چور چوي ٿو پاڪستان ۽ برطانيه جي به ڪنهن عدالت ۾ ڪوڙا الزام ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران خان انهي لاءِ عدالت ۾ پيش ناهي ٿيندو ڇاڪاڻ ته کيس خبر آهي ته جيڪڏهن عدالت ۾ پيش ٿيس ته سمورن ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪرڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.