شهري ويب سائيٽ تي پورٽل ذريعي آدمشماري ۾ داخلا ڪري سگهن ٿا: اليڪشن ڪميشن

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ ) ملڪ جا شهري پاڪستان جي شماريات واري اداري جي ويب سائيٽ جي پورٽل ذريعي آدمشماري ۾ پنهنجي ڪٽنب جي پاڻ داخلا ڪري سگهن ٿا.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري بيان موجب ويب سائيٽ www.self.pbs.gov.pk  تي داخلا ڪرڻ کانپوءِ ويب سائيٽ طرفان ڏنل يوٽي اين ڪوڊ ۽ گهر جي سمورن مردن ۽ عورتن جو تعداد ڌار ڌار ڪاغذ تي لکي گهر ۾ رکي ڇڏيو.

آدمشماري ڪندڙ سرڪاري اهلڪار جي دروازي تي اچڻ تي اهو ڪاغذ ان کي ڏئي ڇڏيو، اوهان کي دروازي تي 20 منٽ بيهي داخلا ڪرائڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.