حيدر آباد ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل، رهواسي بکون ڪاٽڻ لڳا، احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان ٽريڊ يونين ڪمپيئن حيدرآباد پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ نثار احمد چانڊيو، ڪامريڊ سارنگ ڄام، رضا  خان سواتي ۽ ٻين چيو ته ملڪ ۾ هر روز مهانگائي جو طوفان بي قابو ٿيندو پيو وڃي، ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته اٽو، گيهه، تيل ۽ ٻين روزمره وارين استعمال وارين شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، حڪمرانن جي ڪنن تي جون به نٿي چري، جنهن سبب عوام فاقاڪشي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. هنن چيو ته پاڪستان جي ادارن کي خانگايو پيو وڃي، يونين سازي تي پابندي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ملڪ مان مهانگائي ختم ڪري عريبن کي جيئڻ جو حق ڏئي، يونين تان پابندي ختم ڪري ملڪ جي ادارن کي خانگائڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.