باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، تعلقي موومينٽ پاران ريلي، احتجاج

باڊهه (ن ع آ  ) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽  ڪامريڊ قادر بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ شهرين  پريس ڪلب کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، حڪمرانو پنهنجا واعدا پورا ڪيو، باڊهه کي تعلقو ڪيو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن دودو ديشي، اصغر نوناري، علي انور عسڪري، حفاظت علي مسڻ، فدا حسين تنيو، وقار سنڌي، صاحب خان سومرو، احمد خان زهري، پپن نوناري، جميل احمد ميمڻ، مير مرتضيٰ گوپانگ، نظام ڪولاچي، نبي رضا بلوچ، مظهر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. حيدر چوڪ تي خطاب ڪندي اڳواڻن  چيو ته باڊهه شهر آبادي ايراضي ۽ ڪاروبار جي لحاظ کان ضلعي لاڙڪاڻي جو ٻيون نمبر تاريخي شهر آهي، پر هتان جي چونڊيل نمائيندن ۽ حڪمرانن جي بي ڌياني سبب کنڊرات جو ڏيک ڌئي رهيو آهي شهر ۾ پبلڪ پارڪ، لائبريري، اسٽريٽ لائيٽ، صفائي سٿرائي، روڊ رستا، باءِ پاس، راندين جو ميدان، بجلي جو بهتر نظام ، امن امان، سٺي تعليم ۽ صحت جون سهولتون اڻلڀ آهن، جنهن جي ڪري شهر تباهي جي ڪناري پهچي ويو آهي جيسيتائين باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي تيسيتائين اسان جي هي احتجاج جاري رهندو ،ڪامريڊ علي محمد بروهي ۽ ڪراچي جي ڪنوينر،  سينيئر صحافي عبدالحميد سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڪراچي توڙي ٻين شهرن ۾ رهندڙ باڊهه جا شهري ڀرپور شرڪت ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندا ۽ حڪمرانن کي يادداشت نامون پيش ڪري مطالبو ڪندا ته باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو وڃي، ٻئي پاسي  4 فيبروريءَ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.