مٺي پاڻي جي ڍُڪَ لاءِ پريشان، ڳوٺاڻن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو

ميان صاحب (ن ع آ) شڪارپور ضلعي جي قومي شاهراهه شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي قائم ٻن شهرن همايون شريف ۽ ڳوٺ چوڏهيو سڌايو ۾ هتان جا رهواسي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پيئڻ جي مٺي پاڻي کان محروم آهن جنهن ڪري همايون شريف ۽ چوڏهيو سڌايو جا هزارين ماڻهو پيئڻ جي مٺي پاڻي لاءِ 24 ڪلاڪ پريشان رهن ٿا ، همايون شريف جنهن جي آباد اٽڪل 5 هزار جي لڳ ڀڳ آهي شهر جي اڪثر پاڙن ۾ جَرَ جو پاڻي کارو هجڻ ڪري هتان جا رهواسي قومي شاهراهہ شڪارپور جيڪب آباد روڊ تي ٿاڻي جي سامهون لڳل هڪ مٺي پاڻي واري نلڪي مان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته همايون ڀرسان ڳوٺ چوڏهيو سڌايو جا رهواسي به همايون مان اٽڪل 5 ڪلوميٽر پنڌ ڪري چنگچي رڪشائن ، گڏهه گاڏن ۽ موٽرسائيڪلن تي مٺو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن جڏهن تہ ڪيترائي مسڪين ماڻهو پيئڻ جو مٺو پاڻي پلاسٽڪ جي دٻن ۾ ڀري همايون ۽ چوڏهيو سڌايو ۾ في دٻو 50 کان 80 رپين ۾ وڪرو ڪن ٿا همايون جا رهواسي پيئڻ جو مٺو پاڻي خريد ڪن ٿا پر وهنجڻ ۽ ڪپڙن جي ڌوئڻ ۽ مسڪين ۽ انتهائي غريب ماڻهو جيڪي پيئڻ جو مٺو پاڻي خريد نہ ٿا ڪري سگهن اهي واٽر سپلاء جي اسڪيم جو پاڻي واپرائين ٿا جنهن سان اڪثر ماڻهو چمڙي ، گردن ۽ جيري جي بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا متاثر رهواسين محمد عثمان ، علي مراد ، شاهہ محمد ۽ ٻين ٻڌايو تہ همايون ۽ چوڏهيو سڌايو ۾ پيئڻ جو مٺو پاڻي نہ آهي جنهن ڪري اسين روزانو پيئڻ جو پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون ۽ گهرن ۾ کاري پاڻي جي استعمال سبب اسان کي چمڙي ، گردن ۽ ٻيون بيماريون ٿين ٿيون جنهن لاء شڪارپور ضلعي جي سياستدانن کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي اسڪيمن لاء منٿون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪو بہ ٻڌڻ لاء تيار ناهي هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي تہ رهواسين کي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪري پريشانيون ختم ڪيون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.