بدين: حملو ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوڻاٺن جو احتجاج، ڌرڻو

بدين (ن ع آ) ڳوٺ جھنڊو کوسو جي رھواسين علي گل کوسو عبدالرحمان کوسو احسان کوسو ۽ ٻين ڳوٺاڻن  ايوان صحافت اڳيان احتجاج ڪندي چيو آھي ته زمين جي تڪرار تان جوابدارن شير محمد ۽ غلام حيدر کوسو ڇرين جا وار ڪري اسان جي نائين ڪلاس جي شاگرد اصغر علي ۽ سندس ڀاءَ الطاف حسين کي زخمي ڪيو، جنھن جو ڪيس بدين ٿاڻي تي جوابدارن خلاف داخل آھي پر پوليس جوابدار گرفتار نٿي ڪري. پوليس جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي، بااثر جوابدار ٻيهر اسان کي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور تي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.