بدامني روڪيو، ڪنڊيارو ۾ آل پارٽيز الائنس جي سڏ تي پوليس خلاف ڌرڻو

ڪنڊيارو ( رپورٽ: محمد سومر گهانگهرو ) ڪنڊيارو ۾ هررز وڌندڙ بدامني  خلاف آل پارٽيز الائنس جي سڏ تي احتجاج ريلي، سيد عابد علي شاهه،مولانا محمد رمضان خاصخيلي، سنڌو نواز گهانگهرو، ظفر کوسو، دلنواز مڱريو ۽ هارون ڪلهوڙو ڪري رهيا هيا، ريلي ۾ شريڪ مختلف جماعتن جا ڪارڪن شھري،دڪاندار ۽ مقامي ڳوٺن جا رهواسي هٿن ۾ بينر کڻي پوليس خلاف نعري بازي ڪندا اسٽار چوڪ پهتا جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ٻين شھرن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان موقعي تي سيد عابد علي شاهه،سنڌو نواز گهانگهرو ۽ دلنواز مڱريو سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهر ۾ موٽرسائيڪل ڦرن بعد ڌاڙن جون وارداتون ڏينهون ڏينهن  وڌي رهيون آهن،هڪ مسيحا ڊاڪٽر سلمان ڀٽي بعد وڪيل ياسين ميمڻ جي گهر ڌاڙو هنيو ويو آھي، پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، شهري ۽ دڪاندار پاڻ کي پنهنجن گهرن ۽ دڪانن ۾ به غير محفوظ سمجهي رهيا آھن،هنن چيو ته ايم پي اي هائوس گهر ڀرسان وڪيل جي گهران ڌاڙو نهايت افسوس ناڪ ۽ ڳڻتي جوڳو عمل آھي،اڳواڻن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته شهر ۾ آڪڙا  بڪي جوا، شراب ۽ فحاشي سميت ٻئي سماجي برايون  وڌي ويون آھن پر صرف سوپاري وارن تي ايڪشن باقي کان ڳري ڀتي عيوض انهن کي ڇوٽ ڇڏيو ويو آھي۔مظاهرين گهر ڪئي ته ڌاڙن ۽ ڦرن جا ڏوهاري گرفتار ۽ انهن وٽان ڦر ٿيل رقم ۽ سونا زيور واپس ڪرائي اهڙن ڏوهن ۽ ٻين ڏوهن جو سبب بڻجندڙ سماجي براين خلاف سخت قدم کڻي ڪنڊيارو شهر ۽ ڀرپاسي امن بحال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.