الخدمت فائونڊيشن  سڪرنڊ پاران 30 معذورن کي ويل چيئرڏنيون ويون

سڪرنڊ (ن ع آ) الخدمت فائونڊيشن  سڪرنڊ پاران سڪرنڊ تعلقي جي مختلف علائقن جي 30 معذورن کي ويل چيئر ڏيڻ جي  تقريب سڪرنڊ ۾ ٿي گذري، تقريب کي خطاب ڪندي الخدمت  فائونڊيشن  سڪرنڊ جي اڳواڻ ڪينور راشد مڪرم چيو ته وس آ ھر غريب ۽ مسڪين ۽ بي سھارا ماڻھن جي مدد ڪري رھيا آھيون، ھر ماڻھوءَکي انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي. سنڌ جي حڪمرانن صرف لٽيو ۽ ڦريو آھي. ماڻھن کي چورن ۽ لٽيرن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ جماعت اسلامي کي ووٽ ڏيڻ گھرجي. ته سندن حق سندن گھر تي ملندو. افسوس ٿئي ٿو ته اڄ سنڌ جا ماڻھو حڪمرانن جي غلط پالسين جي ڪري ٻين آڏو ھٿ ٽنگيو بيٺا آھن، جڏھن ته تاريخ شاھد آھي ته سنڌ جي ماڻھن ھميشھ ٻين کي ڏنو آھي . ان موقعي تي رائو عبدالعليم،  عاشق حسين پٺاڻ، سرور قريشي، جاويد شاھ، جي ايم چانڊيو، توصيف رحماني ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.