لاڙڪاڻي ۾ هوٽل واري نينگر کي چاقو کڻي رتورت ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد جناح باغ چوڪ وٽ پٺاڻ جي هوٽل تي چانهه پچائيندڙ پٺاڻ ذات جي وحيد الله پٺاڻ معمولي ڳالهه تان شهر جي پير شير روڊ واري علائقي جي رهواسي 14 سالن جي نينگر غلام مصطفيٰ راجپوت کي مٿي ۾ چاقو هڻي رتورت ڪري ڇڏيو جنهن کي ٻين مزدورن چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. جڏهن ته اهڙي واقعي بعد شهري وڏي انگ ۾ هوٽل وٽ ماڻهو ٿي ويا جن چانهه پچائيندڙ همراهه کي معمولي مارڪٽ پڻ ڪئي جنهن دوران پوليس پهچي کيس هجوم کان بچائي مارڪيٽ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان زخمي پورهيت نينگر جي دوست رحيم بروهي ميڊيا کي ٻڌايو ته آءُ پنهنجي دوست غلام مصطفيٰ راجپوت سان ويلڊنگ جي دڪان تي ڪم ڪندو آهيان، اڄ غلام مصطفيٰ هوٽل تي چانھه پچائيندڙ پٺاڻ کان خالي ڪپ گهريو جنهن ڳالھه تان هن کيس مٿي ۾ چاڪو هڻي رتورت ڪري ڇڏيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي وحيد الله پٺاڻ خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته واقعي بعد وحيد الله پٺاڻ نالي همراهه کي گرفتار ڪرڻ بعد لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جنهن مٿان في الحال ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿيو جيڪڏهن متاثر ڌر ٿاڻي تي آئي ته سندن مرضيءَ موجب اهڙو ڪيس داخل ڪيو ويندو، هينئر واقعي جي مختلف رخن کان جاچ پڻ ڪري رهيا آهيون. ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.