پنجاب هوٽل ۾پراسرار فوت ٿيل هندو واپاري جا مڙهه جيڪب آباد پهتا

جيڪب آباد ( رپورٽ : چيف حضور بخش سومرو) ٻه ڏينهن اڳ پنجاب جي شهر قصور جي نجي هوٽل ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل ٽن هندو واپارين ڪرپال داس سندس پٽ سني ڪمار ۽ ناٺي وشال ڪمار جي لاشن جو قصور جي اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد جيڪب آباد واسي ڪرپال داس ۽ سندس پٽ سني ڪمار جا مڙهه ايمبولينس ذريعي جيڪب آباد ڏانهن منتقل ڪيا ويا ۽ نوجوان وشال ڪمار جو مڙهه سندس شهر خيرپور ڏانهن روانو ڪيو ويو. ڪرپال داس ۽ سندس پٽ سني ڪمار جا لاش جيڪب آباد ۾ سندن گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هر طرف روڄ ۽ راڙو پئجي ويو، علائقي واسين سميت شهر جا ڪيترائي ماڻهون فوتين کي ڏسڻ لاءِ سندن گهر پهچي ويا، ضروري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ پيءُ ۽ پٽ جي لاشن کي مساڻي ۾ سوين آلين اکين سان اگني سنسار ڪيو ويو. هوڏانهن قصور شهر جي صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جيسم احمد رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسين واقعي جو نوٽيس ،پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان بعد ئي خبر پوندي ته هندو واپارين کي مڇي ۾ زهر ڏئي ماريو ويو آهي يا سندن موت جو ڪو ٻيو سبب آهي. هوڏانهن اڳواڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، ميڊم ملحيه سومرو، حاجي غلام نبي رند، مير ذيشان خان پنهور، مير محبوب علي خان سومرو، حاجي گل حسن سومرو، انور علي سومرو، وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.