ڪنڌڪوٽ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو، 5 زخمي

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان گولا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين جو استعمال ڪيو ويو جهيڙي دوران 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.زخمين ۾ رحمان، مشتاق، اسماعيل گولو ٻيا شامل آهن. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.ھڪ زخمي کي  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.