سنڌي ادبي سنگت مرڪز کي اڏيرو لعل ۾ آجياڻو، شاندار آجيان

اڏيرولال(ن ع آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ اڏيرولال اسٽيشن پاران اصفحا اڪيڊمي ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي نئين چونڊجي آيل باڊي  جي سمورن عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو ۽ ان سان گڏ ڪل سنڌ مشاعرو پڻ ٿي گذريو. پروگرام جي صدارت ساس سيڪريٽري جنرل تاج جويو ڪئي. جڏهن ته مهمان خاص ۾ آزاد انور ڪانڌڙو جوائنٽ سيڪريٽري ساس، حسين سارنگ آڊيٽر ساس، فائزه ايوب عورت جنرل سيڪريٽري مرڪز، رمضان ميمڻ پريس ترجمان مرڪز، پير بهاءُ الدين “بها” سرهندي، پير غلام مجدد سرهندي، گلشير ڪوريجو، امداد سولنگي ۽ امين اڏيرائي شامل آهن. ساس اڏيرولال اسٽيشن جي آجياڻي پروگرام ۾ سياسي سماجي شخصيت سائين علي خان برهماڻي پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.