جهول۾ امدادي رقم مان ڪٽوتي،مستحق عورتن جو احتجاج

جهول(ن ع آ) جهول بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ايندڙ قسط مان مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي وارو مامرو رڪجي نه  سگهيو، غريب مستحق عورتن جي پاران ڪٽوتي خلاف احتجاج اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. مستحق عورتن جي شڪايتن باوجود ازالو نه ٿي سگهيو آهي. ذريعن موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي زونل انچارج جون پنهنجون 10 کان مٿي ڊوائزون هجڻ ڪري انهن کي بند ڪرڻ کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊائريڪٽر کي کتو جواب ڏنو ويو آهي، اهڙي طرح مستحق عورتن جي ايندڙ قسط مان ڪٽوتي سرعام جاري آهي، جڏهن ته ڊوائز مافيا مستحق عورتن کان اڳ واٽ سڃاڻپ ڪارڊ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آهن، ڪافي مستحق عورتن کان فنگر هڻائي مسڪين عورتن جي رقم پنهنجي اڪائونٽن ۾ ٽرانسفر ڪري ڪيش نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي شام تائين بيهاري واپس ڪرايو وڃي ٿو، اهڙي طرح مستحق عورتن جي رقم هڙپ ڪئي پئي وڃي، رقم جي ڪٽوتي خلاف مستحق مسڪين عورتن پاران احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا آهن، پر سندن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.