جهڏو ۾ بدامني، نوجوان کان 57 هزار ڦر، مزاحمت تي زخمي

جهڏو (ن ع آ)   جهڏو بائي پاس روڊ تي نوجوان ارسلان قائم خاني کان ٻه نامعلوم موٽر سائيڪل سوار جوابدار 57 هزار رپيا ڦر ڪري نوجوان  کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان آر ايڇ سي جهڏو منتقل، جهڏو واسي نوجوان ارسلان ولد اختر قائم خاني جهڏو بائي پاس روڊ کان موٽر سائيڪل تي شهر طرف اچي رهيو هو ته ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار ٻٽ ٻڌل ٻن هٿياربندن نوجوان کي پويان کان ٽڪر هڻي روڊ تي ڪرائي زبردستي کيسي ۾ پيل 57 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا هوڏانهن اطلاع تي زخمي نوجوان کي وارثن جهڏو آر ايڇ سي منتقل ڪيو آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهنواز خاصخيلي ٻڌايو ته واقعي بعد شهر جي مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس وغيره داخل نه ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.