ڪنري پوليس پاران ايس ٽي پي اڳواڻ جي گھر تي ڇاپو، گرفتار

ڪنري (ن ع آ) ڪنري پوليس شھر جي بلوچ پاڙي لڳ ريلوي ڦاٽڪ وٽ موبائل چوري جي معاملي تي ايس ٽي پي اڳواڻ احمد ڪپري تي گھر تي  ڇاپو ھنيو. پوليس ڇاپي دوران احمد ڪپري جي پٽ نوجوان نياز ڪپري کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوان جي ماءُ ۽ ڀينرون پوليس آڏو رڪاوٽ بڻيون ۽ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو. نوجوان کي گرفتار ڪرڻ تان روڪڻ تان پوليس ۽ نوجوان جون عورتون ھڪٻئي جي هٿين پئجي ويا. پوليس اھلڪارن پاران عورتن سان منھن ماري ڪندي عورتن کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏنا ۽ گارگند ڪري تذليل ڪئي. جنھن بعد پوليس نوجوان نياز ڪپري کي گرفتار ڪري کڻي وئي، گرفتار نوجوان جي ماءُ جنت ڪپري، ڀيڻن اميرزادي ۽ ناديا پاران پوليس خلاف سخت احتجاج ڪندي صحافين آڏو روئيندي ٻڌايو ته پوليس پاڙيوارن جي چوڻ تي اسان جي گھن تي چڙھائي ڪري نياز ڪپري کي بلاوجه کنڀي کڻي وئي. پوليس اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، بيگناھ گھر ۾ داخل ٿي تشدد ڪري تذليل ڪئي وئي، بغير ڪيس جي نياز کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس چاڌر ۽ چوڌيواري جو تقدس پئمال ڪندي عورتن کي ڌڪا ۽ ٺيلھا ڏنا، ٻئي پاسي ڪنري پوليس جو چوڻ ھو ته نوجوان نياز ڪپري چور قسم جو ماڻھو آھي، شھر مان موبائل فون، موٽرسائيڪلز، بيٽريون ۽ ماڻھن جي گھرن مان چوريون ڪري ٿو، جنھن کي گرفتار ڪرڻ وياسين ته عورتن پوليس جي ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجي پوليس سان جيھڙو ڪيو ۽ نوجوان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيو. متاثر عورتن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري نوجوان نياز کي فوري آزاد ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.