جنگشاھي ۽ ٺٽي ۾ طبي سهولتن جي اڻهوند، نوجوان فوت

جنگشاھي (ن ع آ) جنگشاھي لڳ ڳوٺ پير محمد گجڻ  جي رھواسي نوجوان غلام رسول گجڻ کي اوچتو دل ۾ تڪليف ھجڻ ڪري سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري کيس پھريان جنگشاھي اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽر بروقت موجود نه ھئڻ ڪري کيس مڪلي سول اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏيئي کيس ڊاڪٽرن پاران ٽنڊو محمد خان جي ڪارڊيو اسپتال ريفر ڪيو، جيڪو ٽنڊو محمد خان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،  نوجوان جو مڙھه جنگشاھي لڳ ڳوٺ پير محمد گجڻ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، سندس جنازي نماز ڳوٺ پير محمد گجڻ ۾ ادا ڪري کيس مڪلي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين، ڳوٺاڻن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ياد رھي ته ٺٽي جي وڏي سول اسپتال مڪلي سميت ٻين اسپتالن ۾ علاج جون بھتر سھولتون نه ھجڻ ڪري مريض اڪثر ٻين اسپتالن ڏانھن ويندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا، رھواسين سول اسپتال مڪلي ۾ علاج جون سموريون سھولتون مھيا ڪرڻ جي گھر ڪندي انساني زندگيون بڇائڻ جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.