رائونتي ( رپورٽ : منير احمد شر ) ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي ھدايتن تي گھوٽڪي ضلعي جي پوليس پاران رائونتي جي ڪچي وارن علائقن ۾ ڏوھارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جاري آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو جي پريس ترجمان مطابق گزريل ڏينھن پڻ ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جي اڳواڻي ۾ سندس ٽيم ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪري فائرنگ جي ڏي وٺ بعد پنج مغوين حيدرآباد جي رھواسي مغوي خليل پٺاڻ پشين خيبرپختونخواهه جي رھواسي مغوي مولوي عظمت الله حسين پٺاڻ تنگواڻي جي مغوي محمد بخش لاشاري ۽ راجن پور مان اغوا ٿيل سعيد احمد کنڀڙو کي باحفاظت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته ڏوھارين جي خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو.