ريتي لڳ زميندار تي اهلڪار جو حملو، گار گند، ڪار، ٽريڪٽر ڦر، احتجاج

ڏهرڪي  ( ت ر ) ڏهرڪي ويجهو ريتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪيهر خان ڏهر ۾ ٻه ڏينهن اڳ  مبينا طور نشي ۾ دت سول ڊريس پهريل پوليس اهلڪار بخشڻ شر پاران زمين تي ويندڙ زميندار مٿان حملو ڪري  زميندار کي گار گند ڪندي  کيس ڪار ۽ ٽريڪٽر ڦر ڪيو جنهن بعد پوليس اهلڪار پاران ڦر ڪيل ڪار ۽ ٽريڪٽر واپس نه ڪرڻ خلاف متاثره زميندار مٽل مهر پاران ڳوٺاڻن سان گڏجي ريتي ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي مٽل مهر چيو ته ٻه ڏينهن اڳ پوليس اهلڪار بخشڻ شر کيس گاڏي روڪي گاڏي مان لاهي اچڻ جو چيو ته پڇا ڪرڻ تي هن مڇرجي ماڻهن سامهون گارگند ڪندي منهنجي ڪار ۽ ٽريڪٽر ڦر ڪري بيهاري ڇڏيو آهي، جيڪو اڃان تائين واپس ناهي ڪيو هن چيو ته پوليس اهلڪار جي اهڙي عمل بابت ريتي پوليس کي پڻ آگاهه ڪيو آهي، پر ان باوجود پوليس پنهنجي پٽي ڀائي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي،  ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار بخشڻ شر خلاف ڪارروائي ڪري مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او ريتي هاشم شر جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار هجي يا ڪو ٻيو ڪنهن کي به شريف ماڻهو يا هتان جي زميندار کي گار گند ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي بخشڻ شر اسپشل برانج لاڙڪاڻي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهي جنهن کي اسان اطلاع ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.