اٽي جي اگھه ۾ 40 رپيا في ڪلو واڌ، رهواسي روڊن تي اچي ويا، احتجاجي، مظاهرو، ڌرڻو

سانگهڙ (ن ع آ) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد اٽي جي اگهن ۾ اوچتو واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هزارين مرد، عورتون، ٻارڙا ۽ بزرگ روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين ميرپور چوڪ تي ٽائرن کي باھ ڏئي مسلسل 4 ڪلاڪن تائين احتجاج ڪيو، جنهن سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن سبب ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو هنن جو چوڻ ھو ته غريبن جي وات مان ماني گرھ به کسيو ويو آھي ڏينهون ڏينهن ٻار بک وگهي مري رهيا آهن، 10 ڪلو اٽي جو اگهھ 650 مان وڌائي 980 رپيا ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر ظلم آهي، مظاهرين جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ 2200 رپيا خريد ڪئي پر اڄ اٽو 105 في ڪلو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، سنڌ حڪومت سبسڊي ڏيڻ بدران عوام جو رت چوسي رهي آهي، هنن وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪو وزيراعظم سستو اٽو ڏيڻ لاءِ ڪري ڪپڙا وڪڻي رهيو هو، هاڻي وزيراعظم ڪيڏانهن ويو؟ عوام چيو ته مهانگائي عام ماڻهوءَ کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، اهڙي حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، غريب جو ٻار به مهانگائي جي چڪی ۾ پيسجي رهيو آهي. اٽي جي اگهن ۾ مبينا واڌ خلاف جهول سنجھورو ۽ ضلعي جي ٻين علائقن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن بعد پوليس جي وڏي نفري مداخلت ڪري احتجاج ختم ڪرايو، ماڻهو مايوس ٿي پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.