ريڙهي ڳوٺ ۾بدامني خلاف رهواسي سراپا احتجاج، ماهيگير سماجي سنگت جو احتجاج

ملير (ڊ ر) ماهيگير سماجي سنگت پاران ريڙهي مياڻ ڳوٺ ۾ بدامني ۽ منشيات فروش خلاف ريڙهي ڳوٺ جي مين بازار کان جي ٽي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين جي هٿ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي منشيات فروشن خلاف نعري درج هئا، احتجاجي ريلي ۾ ريڙهي ڳوٺ سميت آس پاس جي سوين عورتن ۽ مردن شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ماهيگير سماجي سنگت جي چيئرمين يونس خاصخيلي چيو ته هن وقت ملير جي ساحلي پٽي خصوصا ريڙهي ڳوٺ مڪمل طور ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جي ور چڙهيل آهي، روزاني جي بنياد تي ڳوٺاڻن کان ڦرون ٿي ر هيون آهن، ۽ منشيات جي باعث نوجوان نسل تباهه ٿي رهي آهي، منشيات فروش ۽ ڏوهاري غريب ڳوٺاڻن جون زندگيون کائي رهيا آهن، ماض ۾ ريڙهي مياڻ ڳوٺ هڪ پرامن علائقو هيو پر هاڻي بدامني جي ور چڙهيل آهي پوليس منشيات فروشن کان ڀتو اڳاڙڻ ۾ مصروف آهي، منشيات وپرائڻ سبب نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي اچي پهتي آهي، هن چيو ته هتان جا چونڊيل نمائندا اگهور ننڊ ۾ ستل آهن جنهن سبب ريڙهي ڳوٺ ۾ بدامني ۽ منشيات فروشي عروج تي پهچي چڪي آهي، نوجوان نسل کي بچائڻ لاءِ اڄ روڊن تي نڪتا آهيون، اسين وزير اعليٰ سنڌ ،. آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي ملير کان مطالبو ڪيون ٿا ته منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري ريڙهي مياڻ جي ماڻهن جي جان مال جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي منشيات جي وڪري بند ڪري نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ ماهيگير سماجي سنگت ۽ ريڙهي مياڻ جا ڳوٺاڻا سخت احتجاج ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.