سکر ۾ بدامني، ڏوهاري مريض کڻائڻ بهاني، ايمبولنس ڦري فرار

سکر (  رپورٽ:  اختيار علي چنا ) سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد پراڻي ڊي آءِ جي آفيس لڳ بيٺل 786 ويلفيئر جي ايمبولنس کي  نامعلوم شخص مريض کڻائڻ بهاني وٺي وڃڻ بعد ڏوهاري ڦري ڪري فرار ٿي ويو ايمبولنس مالڪ گوگا شاھ حد ٿاڻي تي داخل ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي ته 786 ويلفئر ايمبولنس نمبر سي واءِ 8798 ڪامران نالي ڊرائيور هلائيندو آھي گذريل رات اڻڃاتل شخص ڊرائيور ڪامران ميراڻي کي چيو ته سندس امڙ بيمار آھي، درگاھ محمد شاھ پاڙي قريشي ڳوٺ، پراڻو سکر مان مريض کي اسپتال کڻي اچڻو آھي ڊرائيور جڏهن قريشي ڳوٺ پهتو ته هٿيار بندن کيس گاڏي سميت اغوا ڪري صالح پٽ واري علائقي ۾ کڻي وڃڻ بعد ڊرائيور کي صبح جو ويران زمينن تي ڇڏي ايمبولنس ڪاهي فرار ٿي ويا آھن، سکر ۾ وڌنڌڙ چورين ۽ ڦر جي وارداتن سبب شھري عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويا ايس ايس پي سکر کان امن امن جي صورتحال کي بهتر بنائڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.