لطيف سائين جدوجھد جو ڏس ڏنو آهي: صادق لاکو

ٺٽو (ڊ ر) پريس ڪلب ٺٽو جي سھڪار سان سنڌ ڪلچرل فورم پاران سنڌ جي فڪري سرواڻ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي سالياني 342 ھين جنم ڏينهن ملھائڻ واري تقريب کي سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو  خطاب ڪندي ڪيون. ھن چيو ته لطيف سائين ھر دور جو شاعر آهي جنھن جي فڪري پيروڪارن ۾ سماج جا سمورن سوچن جا ماڻھو شامل آهن. مزاحمتي شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ چيو ته لطيف جدوجھد جو ڏس ڏنو آهي ان ڪري اسان کي گھرجي ته ڀٽائي جي ڏسيل راھه تي ھلون. لطيف جي پارکو محمد جمن سمون خطاب ڪندي چيو ته لطيف مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جو طرفدار شاعر آھي سندس ڏسيل گس تي ھلڻ لاءِ سندس شاعري کي بار بار مطالعي ھيٺ آڻي نجات جا گس ڪڍڻا پوندا. پورھيت مزاھمت تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ اعجاز جاکرو چيو ته لطيف جو جنم ڏينهن ملھائڻ سان ثابت آھي ته اسان ڀٽائي جي خيالن ۽ سوچن واري زندگي، وطن ۽ سماج چاھيون ٿا. سينيئر ليکڪ استاد الھجڙيو برفت چيو تہ جيڪڏهن سنڌ حڪومت شاھ لطيف جي سوچ ۽ ٻوليءَ کي وڌندو ڏسڻ چاھي ٿي تہ اھا سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي پرائمري اسڪولن تي خاص طور توجھ ڏئي انھن ۾ ٻارڙن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ اسڪولن جي حالت بھتر بنائڻ گھرجي. سالگرھ تقريب کي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال احمد جاکرو، عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي نائب صدر رزاق چانڊيو، فقير گگدام غلام حسين خاصخيلي، سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻهار، سيد انور شاھ، منظور گرماڻي، استاد رحمت الله سمون، صاحب ڏنو سمون، ننڍڙو ڀٽائي گرماڻي، پنھنجا ويچار ونڊيا. جڏهن ته مزاحمتي شاعر ۽ ڪلاڪار سلمان جاکرو قومي گيت ترنم ۾ ڳائي لطيف سائين کي خراج پيش ڪيو. تقريب ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي 342ھين سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.