اي ٽي ايم مشين استعمال ڪندڙ هوشيار ٿي وڃن !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۽ ٻيا ڏوهه توڙي ٺڳي به وڌي وئي آهي.

اهڙو ئي هڪ واقعو ڪراچي جي شاهه فيصل ڪالوني ۾ پيش آيو جتي امتياز احمد نالي شهري کي اي ٽي ايم ٻاهران بيٺل شخص کان مدد وٺڻ ڳچي۾ پئجي ويو.

شهري جو اي ٽي ايم ڪارڊ تبديل ڪري ٺڳ مختلف بينڪن مان رقم ڪڍرائي، امتياز احمد مبينا فراڊ بابت درخواست شاهه فيصل ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي ڇڏي آهي پر هيل تائين واقعي جي ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي سگهي.

ٻئي پاسي بينڪ عملو به پوليس کي سي سي ٽي وي ڏيڻ ۾ مدد ناهي ڪري رهيو.

تنهن بعد امتياز احمد ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو.

امتياز موجب هي ڪجهه پيسا هن ڌيءُ جي شادي جي تيارين لاءِ گڏ ڪيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.