روينا جي ڌيءَ ۽ اجي جو ڀائيٽيو گڏ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار

نئين سال جي شروعات سان گڏ ئي بالي ووڊ ۾ نون اداڪارن جي ڊيبيو جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا روينا ٽنڊن جي ڌيءُ راشا ٿاداڻي ۽ اجي ديوگن جو ڀائيٽيو امان گڏ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

رپورٽس موجب بالي ووڊ نون چهرن کي متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور هدايتڪار اڀيشيڪ ڪپور پنهنجي ايندڙ فلم ۾ روينا ٽنڊن جي ڌي ۽ اجي ديوگن جي ڀائيٽي کي ڪاسٽ ڪري ورتو آهي، ٻئي هلندڙ سال ئي ڊيبيو ڪندا.

رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلم اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ جلد شوٽنگ شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ان فلم ۾ اجي ديوگن پڻ مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو.

فلم جي ٻي ڪاسٽ جي حوالي سان اڃا تائين وڌيڪ معلومات سامهون نه آئي آهي.

واضح رهي ته اڀيشيڪ ڪپور فرحان اختر، سرڳواسي سُشانت سنگهه راجپوت ۽ سارا ٽيلر کي پنهنجي فلمن ذريعي ڊيبيو ڪرايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.