لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن طرفان محسن نقويءَ کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته محسن نقوي جهڙي تڪراري شخص کي وڏو وزير مقرر ڪرڻ وارو
فيصلو رد ڪيون ٿا.
الیکشن کمیشن نے کبھی مایوس نہیں کیا، محسن نقوی جیسے متنازعہ سخص کو وزیر اعلی مقرر کرنے کے فیصلے کو مسترد کرتے ہیں ، اس نظام کے خلاف سڑکوں پر جدوجہد کے علاوہ کوئ راستہ نہیں ۔۔ کارکنان تیاری کریں عمران خان کی قیادت میں بڑی مہم چلائیں گے
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 22, 2023
سندس چوڻ هوته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو، هن نظام خلاف روڊن تي جدوجهد کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.
هن هدايت ڪندي چيو ته ڪارڪن تياري ڪن عمران خان جي قيادت ۾ وڏي مهم هلائينداسين.
واضح رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.