مينز ون ڊي رينڪنگ: ڪيويز کان پهرين پوزيشن کسجي وئي، پاڪستان جو ڪهڙو نمبر آهي؟

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت هٿان ٻي ون ڊي ۾ شڪست کانپوءِ نيوزيلينڊ کان آءِ سي سي مينز ون ڊي رينڪنگ ۾ جي نمبر هڪ پوزيشن کسجي وئي آهي.

ڀارت گذريل ڏينهن ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي هڪ سئو اٺ رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو هو ۽ وري روهت اليون مقرر هدف ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو هو.

آءِ سي سي طرفان نئين ون ڊي ٽيم رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي جنهن پٽاندڙ نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين پوزيشن وڃائي ويٺي ۽ ٻي پوزيشن تي هلي وئي آهي.

آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾انگلش ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي آهي جڏهن ته ڀارت جو ٽيون  ۽ آسٽريليا جو چوٿون نمبر آهي.

ون ڊي ڪرڪيٽ جي درجابندي ۾ پاڪستان پنجين جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا ڇهين، بنگلاديش ستين ۽ سريلنڪا اٺين نمبر تي آهي.

آءِ سي سي مينز ون ڊي رينڪنگ ۾ افغانستان ۽ ويسٽ انڊيز ترتيبوار نائين ۽ ڏهين پوزيشن تي آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.