لاهور ( ويب ڊيسڪ )اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ جو فيصلو اتفاق راءِ سان ڪيوويو.
اليڪشن ڪميشن محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏي وزير طور مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي حلف برداري لاءِ گورنر پنجاب ڏانهن خط لکيو ويو آهي.
ياد رهي ته صوبائي حڪومت طرفان احمد نواز سکيرا، نويد اڪرم چيما جا نالا تجويز ڪيا ويا جڏهن اپوزيشن محسن رضا نقوي ۽ احمد چيما کي نامزد ڪيو هو.
پي ٽي آءِ محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻائڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته محسن نقوي جهڙي تڪراري شخص کي وڏو وزير مقرر ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪيون ٿا.
الیکشن کمیشن نے کبھی مایوس نہیں کیا، محسن نقوی جیسے متنازعہ سخص کو وزیر اعلی مقرر کرنے کے فیصلے کو مسترد کرتے ہیں ، اس نظام کے خلاف سڑکوں پر جدوجہد کے علاوہ کوئ راستہ نہیں ۔۔ کارکنان تیاری کریں عمران خان کی قیادت میں بڑی مہم چلائیں گے
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) January 22, 2023
سندس چوڻ هوته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو، هن نظام خلاف روڊن تي جدوجهد کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي.
هن هدايت ڪندي چيو ته ڪارڪن تياري ڪن عمران خان جي قيادت ۾ وڏي مهم هلائينداسين.
واضح رهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ محسن نقوي کي پنجاب جو نگران وڏو وزير مقرر ڪيو ويو آهي.