ڪراچي جي ميئر لاءِ ڊڪ ڊوڙ، جماعت اسلامي جو وفد ن ليگ وٽ پهچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي وفد حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ ن ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ شهر جي ترقي لاءِ ميئر جي چونڊ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زرو ڏنو.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم ن ليگ جي اڳواڻ شاهه محمد شاهه سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جماعت اسلامي جو ميئر بڻبو  ته اُهو شهر جي ساڍن ٽن ڪروڙ ماڻهن جو ميئر هوندو، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جي اهليت رکون ٿا.

هن چيو ته شهر جي ترقي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، چاهيون ٿا ته ن ليگ جو شاهه محمد شاهه اتفاق راءِ لاءِ ڪردار ادا ڪري .

سندس چوڻ هو ته پ پ سان ميئر يا ڊپٽي ميئر بابت ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، سڀ کان وڌيڪ ووٽ ۽ سيٽون جماعت اسلامي جون آهن، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ خلاف نه آهيون پر اِها ڳڻپ اليڪشن ڪميشن آڏو ٿيڻ گهرجي.

ان موقعي تي شاهه محمد شاهه چيو ته هو پراميد آهي ته جماعت اسلامي ۽ پ پ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويندي، هيٺين سطح تي اختيارين جي منتقلي جا حامي آهيون، شهر جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪنداسين ته پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ جماعت اسلامي گڏجي ڪري ڪري.

شاهه محمد شاهه جماعت اسلامي کي ميئر واري معاملي تي سمورين جماعتن ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.