مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام، ايم ڪيو ايم جو مطالبن جي مڃتا لاءِ رستن تي اچڻ جو چتاءُ

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد جون نئين سر تڪبنديون نه ٿيڻ جي صورت ۾ رستن تي اچڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

 حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ ٻهراڙيءَ جا علائقا شامل ڪري ڌانڌليون ڪيون ويون.

 ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول چيو ته ڪير اهو نه سمجهي ته اسان خاموش ٿي ويهنداسين، عدليا سميت هر فورم تي آواز اٿاريو پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو، هاڻي رستن تي اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

خالد مقبول صديقي اعلان ڪيو آهي ته مڪاني چونڊن ۾ پري پول رگنگ ثابت ٿيل آهي، اليڪشن ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد کي ڪنهن ٻئي جو شهر ثابت ڪرڻ واري سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، ڪراچي جو ميئر عوامي مينڊيٽ سان نه پر جوڙ ٽوڙ واري سياست ذريعي آندو پيو وڃي.

هن چيو ته عوام ڪجهه ڏينهن اهڙيون مڪاني چونڊون ڏٺيون جنهن جو مثال نٿو ملي، شهرجي آبادين کي هر آدمشماري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيکارڻ جي سازش ٿيندي آهي، گذريل آدمشماري ۾ مخالفن جي ڪوشش هئي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪري ڏيکاري سگهجي.

سندس چوڻ هوته آدشماريون غلط ثابت ٿي چڪيون آهن ۽ ڪرڻ وارن کي سزا به ملي آهي پر اِهو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو ته گيم اڃا هاڻي شروع ٿي آهي،ڪراچي جي ٽي ڪروڙ آبادي کي ڏيڍ ڪروڙ ڄاڻايو ويو، شهر جي هڪ علائقي ۾ نوي هزار هڪ علائقي ۾ ڏهه هزار تي تڪبندي ڪئي وئي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڪراچي ۾ اسان جي ڪري امن قائم آهي، هاڻي شهر ۾ ڪو به نو گو ايريا نه آهي، سنڌ جي شهري علائقن سان زيادتيون بند نه ٿيون ته حالتون خراب ٿي وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.