ڀارت اجمير ۾ صوفي بزرگ خواجه معين الدين چشتيءَ جي درگاهه لاءِ پاڪستاني پانڌيئڙن کي ويزائون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
مذهبي مامرن واري وزارت جي ترجمان موجب چار سئو اٺاسي ماڻهن کي پاسپورٽ موڪليا ويا جن مان رڳو ٻه سئو اڻونجاهه پانڌيئڙن کي ويزائون جاري ڪيون آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته پانڌيئڙن جي سار سنڀال لاءِ ڇهه آفيشلز مان رڳو هڪ کي ويزا جاري ڪئي وئي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته اجمير شريف جي سمورن پانڌيئڙن کي پيغام ذريعي اطلاع ڏنو ويو آهي ۽ ويزائون رکندڙ پانڌيئڙن کي لاهور پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب پاڪستاني پانڌيئڙا اجمير شريف لاءِ ايندڙ اڱاري تي ڀارت روانو ٿيندا.