ڪراچي ۾ خانداني دشمني جي نتيجي ۾ رينجرز اهلڪار قتل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ راشد منهاس روڊ تي هٿياربند فائرنگ ڪري  هڪ ڄڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل همراهه جي خالد حسين جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي جيڪو رينجرز جو اهلڪار هو ۽ رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول کي خانداني دشمني سبب نشانو بڻايو ويو آهي، اهلڪار جي ڀاءَ کي به ڪجهه سال اڳ قتل ڪيو ويو هو.

ايس ايس پي ايسٽ جو چوڻ آهي ته واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.